اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد برساتن سان ٻو?? صورتحال ۽ قيمتي جاني نق??ان تي ڏک ۽ افسوس ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو ??ظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظ۾ ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو ??ظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.