اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي ۽ ڀلائي وفاقي حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظ??ار وزيراعظم بلوچستان جي گورنر عبدالولي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي ا??تظامي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ ڀلائي وفاقي حڪومت جي ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي. بلوچستان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي اڻ مڪمل آهي.