ڪراچي – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد سول ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪا??ران خان ٽيسوري کي عوا??ي خدمتن جي شعبي ۾ ان جي ڪوششن تي تمغه امتياز جو اعزاز عطا ڪيو. گورنر هائوس سنڌ پاران جاري پڌرا??ي موجب ڪا??ران خان ٽيسوري هڪ ناليواري ڪاروباري ۽ سرندي واري شخصيت پڻ آهي ۽ هو 9 ڀيرا بهترين ايڪسپورٽرز ٽرافي ۽ ٽي ڀيرا بزنس مين آف دي ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ هڪ ڀيرو گولڊن سن آف دي ڪنٽري جو اعزاز پڻ کيس ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف تمغه امتياز ملڻ تي سنڌ جي گورنر کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته ايوارڊ توهان جي خدمتن جو اعتراف آهي. سنڌ جي گورنر چي?? ته هن ايوارڊ جي لاءِ الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو صوبي جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندو.