رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهب??ز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند تعلقي جي علائقي رديگ ۾ مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو به موجود هئا. و??ير??عظم شهب??ز شريف جي گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سندن آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ و??ير??عظم مند پشين بارڊر مارڪيٽ جي افتتاح جي لاءِ مند تعلقي جي علائقي رديگ پهتو، جتي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي و??ير??عظم جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي س??ن هٿ ملايو. و??ير??عظم محمد شهب??ز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند پشين بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن مارڪيٽ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ دوستي جي علامت طور ٻوٽو پڻ پوکيو. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگل??گ روڪي ويندي. ان کانسواءِ به حڪومت وڌيڪ 5 مارڪيٽس تي به ڪم ڪري رهي آهي، جن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. بعد ۾ و??ير??عظم شهب??ز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو به افتتاح ڪيو. گبد پولان ٽرانسميشن لائين و??ير??عظم محمد شهب??ز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مدي ۾ تعمير مڪمل ٿي آهي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران کان درآمد ٿيندڙ سستي بجلي جي مجموعي مقدار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. 132 ڪي وي جي ٽرانسميشن لائين کي اپ گريڊ ڪري 220 ڪي وي ڪيو ويو آهي. چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي. نئين ٽرانسميشن لائين سان بلوچستان جي س??حدي علائقن ۾ بجلي جي پهچ ۾ بهتري ايندي ۽ ڪاروباري س??گرمين جي لاءِ بجلي جي وڌيڪ مقدار ميسر ايندي. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان و??ير??عظم شهب??ز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي جو واعدو پورو ٿي ويو آهي.