اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي شهري جي ٽن امپورٽيڊ گاڏين جي غلط نيلامي تي رقم جي ادائيگي ۽ معافي وٺڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي حڪمن جي خلاف شڪايت ڪندڙ جي داخل در??واست قبول ڪري ورتي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر چيو ته ڪسٽمز عملدارن شهري کي بنا نوٽيس جاري ڪرڻ جي ٽي گاڏيون اٽڪل 30 لک رپين جي گهٽ قيمت تي نيلام ڪيون، ايف بي آر شهري کان معافي وٺي ۽ نيلام ٿيل ٽن گاڏين جي قيمت ادا ڪري. هن چيو ته شهري پاران ??دا ڪيل ڪسٽم ڊيوٽي پڻ غيرمجاز ڪليئرنگ ايجنٽن کي واپس ڪئي وئي جيڪي بعد ۾ رقم کڻي گم ٿي ويا، ايف بي آر سمورين رسيدن/ دستاويزن جي تصديق ڪري، گاڏين جي قيمت موجب رقم واپس ڪري ۽ در??مد ڪندڙن/ ما??ڪن کي ادا ڪيل ڊيوٽي/ چارجز واپس ڪري. صدر چيو ته شهري سمورا دستاويز فراهم ڪري ته جيئن ايف بي آر 30 ڏينهن جي اندر ادائيگي ڪري سگهي، رقم جي ادائگي ۾ منافعو به شامل ڪيو وڃي ڇو ته نيلامي جي رقم سرڪاري خزاني ۾ پيل رهي. صدر وفاقي محتسب جي حڪمن خلاف افتخار احمد اعواڻ (شڪايت ڪندڙ) جي داخل در??واست قبول ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب جاپان ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين پنهنجي خاندان ??ي ذاتي استعمال جي لاءِ قانوني طور تي ٽي گاڏيون در??مد ڪيون، قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي باوجود ايف بي آر گاڏيون نه ڇڏيون ۽ ڪسٽم عملدارن ٽن گاڏين کي نيلامي ۾ 3019385 رپين جي قيمت تي وڪرو ڪيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان ??جوع ڪيو جنهن ايف بي آر کي نيلامي جي رقم ادا ڪرڻ ۽ گهٽ رقم جي ادائيگي جي سببن جو تعين ڪر?? جو چيو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ کي گاڏين جي نيلامي جي رقم جي ادائيگي مروجه مارڪيٽ ريٽ تي ڪر?? جو حڪم ڏنو وڃي. سموريون رسمي ڪارروايون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گاڏين کي غلط ٽرمينل تي لاٿو ويو، ڪسٽمز در??مد ڪندڙن کي بنا ڪنهن اطلاع جي گاڏيون نيلام ڪري ڇڏيون، غيرمجاز ڪليئنرگ ايجنٽس کي ڪسٽمز ڊيوٽي واپس ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ در??مد ڪندڙن/ ما??ڪن کي وڏو ما??ي نقصان ٿيو. ٻڌڻي دوران ??يف بي آر جي نمائندي مواصلات ۽ نظام ۾ رڪاوٽن جي ڪري معاملي ۾ ڪسٽمز اهلڪارن جي غلطي جو اعتراف ڪيو. ايف بي آر جي نمائندي ٻڌايو ته رقم وٺي گم ٿي ويندڙ ايجنٽس جا لائيسنس پڻ رد ڪيا ويا آهن. صدر چيو ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ پاران ??رآمد ٿيل گاڏين جي غلط هينڊلنگ کان ??نڪار ناهي ڪيو ويو ۽ بدانتظامي ثابت ٿي وئي، عملدارن جي ڌيان نه ڏيڻ سان ??رآمد ڪندڙن/ ما??ڪن کي وڏي ما??ي نقصان ۽ ذهنيت کي منهن ڏيڻو پيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ما??ي نقصان لاپرواهي، رابطي جي کوٽ ۽ ڪسٽمز جي قائم ڪيل ڪليئرنگ سسٽم کان ??نحراف جي ڪري ٿيو. صدر چيو ته شهري کي پنهنجي غلطي جي ڪري نه پر ڪسٽمز عملدارن جي غلطي سان نقصان ٿيو. صدر شهري جي اپيل منظور ڪندي چيو ته ايف بي آر گاڏين جي قيمت موجب رقم ادا ڪري.