ڪراچي – 02 – ??ئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميڊيا جي آزادي تي پابنديون جمهوريت کي ڪمزور ڪن ٿيون ۽ معاشري ۾ ورڇ ۽ انتشار جو سبب بڻجن ٿيون، ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ صح??فين جو اتحاد سدائين سدابهار ۽ مضبوط رهيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري صح??فت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي حڪومت جي دورن ۾ آمرن پاران صح??فت تي لاڳو ڪارن قانون جو خاتمو ڪيو ۽ صح??فت کي مڪمل آزادي ڏني. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ان جي قيادت جو پاڪستان ۾ بدترين ميڊيا ٽرائيل ٿيندو رهيو آهي پر ان جي باوجود پاڪستان پيپلزپارٽي ڪڏهن به اظهار ۽ صح??فت جي آزادي تي مصلحت جو شڪار نه ٿي، پيپلزپارٽي حڪومت ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾ صح??فت جي آزادي ۽ صح??فين جي تحفظ ۽ حقن جي حوالي سان سدائين واضح موقف اختيار ڪيو آهي، اسان ڄاڻڻ جي حق جي قانون کي و??يڪ سگهه ڏيڻ ۽ جيئن جو تيئن عملدرآمد ۾ يقين رکون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ان جي پارٽي ميڊيا جي آزادي ۽ صح??فين جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪندي رهندي، ملڪ ۾ صح??فت جي آزادي جي لاءِ مثالي ماحول جو قيام ۽ عوام ۾ ميڊيا لٽريسي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ صح??فت تي هنيل پابندين جي شديد مذمت ڪندي صح??فتي تنظيمن، اظهار جي آزادي جي حق جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ شخصيتن سميت عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي والاريل واديءَ جي صح??فين تي ظلمن جي خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ روزانو صح??فين کي قيد ۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون جڏهن ته هن وقت تائين ڪيترائي صح??في سچ ڳالهائڻ جي پاداش ۾ ڀارتي فوج جي هٿان شهيد به ٿي چڪا آهن. هن اپيل ڪئي ته سال ۾ هڪ ڏينهن والاريل ڪشمير جي صح??فين سان يڪجهتي جو ڏينهن به ملهائڻ گهرجي.