اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي ا??وا??ن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب وفد جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر محمود احمد ساغر ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلاول ڀٽ?? زرداري چيو ته ڀارت جي دوري دوران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانون?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي ??رادري ڀارت جي غيرقانون?? قبضي جي شڪار والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ا??وا??ن اڻٿڪ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.