انقره-03 جون (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز پاڪستان ۾ ??رڪ??ھ جي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان مطابق وزيراعظ?? محمد شهباز شر??ف پاڪ – ياترم جي چيئرمين ۽ ??رڪ??ھ جي پرڏيهي، اقتصادي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي صدر نيل اولپاڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون. ??رڪ??ھ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپن واري بورڊ جي صدر وزيراعظم کي ترڪ ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ ??رڪ??ھ ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شرڪت ڪئي.