اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ت?? وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? پيرس ۾ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري ت?? فرانس ۾ آهي. هو عالمي مالياتي اداري ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز کي ح??صل ڪرڻ ۽ قرض بابت حل جي لاءِ پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم ڏکڻ آفريقا جي صدر ماتا ميلا سيرل راما فوسا، چين جي وزيراعظم لي يانگ ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊير لي يين سميت شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.