اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? ڪو به مذ??ب، معاشرو اظهار جي آزادي جي نالي ت?? مقدس هستين، علامتن ۽ آسماني ڪتابن جي بي حرمتي ??ي اجازت نه ٿو ڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته قرآن پاڪ، تورات ۽ انجيل جي بي حرمتي ??ي اجازت ڏيڻ ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي، جنهن جو واحد مقصد عالمي امن کي خطرن ۾ وجهڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو او آءِ سي ۽ مهذب دنيا کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي اڳتي ??چن ۽ مقدس ڪتابن جي بي حرمتي ??هڙي مڪروهه عمل کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته اهڙن روين کي روڪڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مذ??بي نفرت کي هوا ڏين ٿا، تشدد کي فروغ ڏين ٿا ۽ دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي حوصلا افز??ئي ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شيطاني ڪردارن کي امن، رواداري ۽ اجتماعيت جي اسان جي گڏيل قدرن کي ڪمزور ڪرڻ نه ڏيڻ گهرجي.