اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب وزيراعظم ڪراچي ۾ پاڪ بحريه جي جنگي سامونڊي جهاز طارق جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز انهن چئن س??مونڊي جهازن مان هڪ آهي جيڪي ترڪيه سان ٽيڪنالاجي جي ??نتقلي جي ??عاهدي تحت ترڪ ۽ پاڪستاني انجنيئر گڏجي ??اهي ره??ا آهن. تقريب ۾ ترڪ نائب صدر جودت يلماز به شرڪت ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم سان ڪراچي ۾ ترڪ نائب صدر جي ??لاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ??فد جي ??مائندن س??ن به ملاقات ڪندو.