اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پنهنجي معاونين ۽ عملي خاص طور تي پنهنجي م??ڊيا ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو. وزيرا??ظم هائوس ۾ وفاقي سيڪريٽريز ۽ سرڪاري آفيسرن سان الوداعي م??اقات جي م??قعي تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم پنهنجي خاص معاونين جهانزيب خان ۽ احد چيما جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته انهن وڏي محنت سان ڪم ڪيو ۽ منهنجي مدد ڪئي. خاص معاون طارق فاطمي جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم چيو ته هن ان بزرگي ۾ به منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو. پري?? سيڪريٽري عبدالاڪبر جي حوالي سان وزيرا??ظم چيو ته هو انتهائي شريف النفس آفيسر آهي، پنهنجي ڪم سان ڪم رکي ٿو ۽ انتهائي شاندار شخصيت جو مالڪ آهي. هن پنهنجي تقرير لکندڙ ارشد ملڪ ۽ پي آر او عمر فاران کانسواءِ سرڪاري م??ڊيا ٽيم جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.