اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي، اسان وٽ لامحدود اختيار نه آهن، پنهنجي اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ چاهينداسين، پنهنجي ڪردار اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان جو ڪو به فيورٽ نه آهي، سمورين پارٽين کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ان کي يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جيڪڏهن ??نهن سياسي پارٽي کي لڳي ٿو ته ان سان امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن يا عدالت وٽ وڃي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز الاهي کي هڪ ايف آءِ آر تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، ان جي گرفتاري جي حوالي سان پوليس وٽ اختيار هو ته ان کي گرفتار ڪري. هن ??يو ته ڪو به سياستدان ڪنهن ??يس ۾ گرفتار ٿئي اهو سياسي قيدي ناهي هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پرامن احت??اج جو حق ۽ اظهار راءِ ج?? آزادي هر ڪنهن ??ي حاصل آهي، پرامن احت??اج عوام جو حق آهي پر پرتشدد احت??اج ۽ رستا بند ڪرڻ جي گنجائش آئين ۾ نه آهي. چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جا ٻانهن ٻيلي آهيون، آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي جيڪا تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي ان تي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيندو. هن ??يو ته حڪومت جي پاليسين جي وضاحت ضروري هوندي آهي، ڪراچي اقتصادي حب آهي، واپاري برادري سان ملاقاتن جي شروعات نگران وزيراعظم انوارالحق ڪئي آهي.