اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل (سياسي) ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي نمائندو يوسف الدوبي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل ڏينهن هن پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ??ان ملاقات ڪئي ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون) جي سفير سيد حيدر شاهه ??ان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ??ان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته خصوصي نمائندو يوسف الدوبي اڄ پاڪستان جي ??گر??ن وزيراعظم ۽ ??گر??ن پرڏيهي وزير ??ان ملاقات ڪندو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. هن چيو ته هي دورو مارچ 2022ع جي ايڪشن پلان موجب آهي جيڪو او آءِ سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪشمير تي اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي کي زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ خطي جي سالياني دورن جو اهتمام ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو هو ته جيئن هو پرڏيهي و??ير?? واري ڪائونسل کي پنهنجي مشاهدن جي رپورٽ پيش ڪري.