اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو فلسطين جو مسئلو ۽ فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي شهرين جي نسل ڪشيءَ تي واضح موقف آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته پاڪس??ان جده ڪانفرنس جي محرڪين مان هڪ آهي، اسان جو نگران پرڏيهي وزير هن وقت بيجنگ ضرورت هجڻ جي باوجود او آءِ سي جي اجلاس ۾ پاڪس??ان جي نمائندگي ڪندو. هن ??يو ته نگران وزيراعظم اڳ ۾ ئي فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سميت بيجنگ ۾ موجود عالمي اڳواڻن آڏو اٿاري چڪو آهي. هن ??يو ته گڏيل قومن ۾ اسان جو م??تق?? نمائندو به ان معاملي تي متحرڪ انداز ۾ آواز اٿاري رهيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان جو اهو موقف پاڪس??ان ۽ ٻاهرئين ملڪ خبرن ۾ اجاگر ??ه ٿيو آهي.