اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گئس جي قيمتن جا اثر ملڪي معيشت تي پڻ پون ٿا، سدائين عوامي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، عوامي مفاد جي گهرج آهي ته گئس جي صورتحال کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن توانائي وا??ي نگران وفاقي وزير محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته گئس جي قيمتن ۾ اضافي جا مختلف سبب آهن جڏهن ته ملڪي معيشت تي پڻ گئس جي قيمتن جا اثر پون ٿا. هن چيو ته سردين ۾ گئس جو استعمال وڌي وڃي ٿو. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته سدائين عوامي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، عوامي مفاد جي گهرج آهي ته گئس جي صورتحال کي وا??ح ڪيو وڃي. ان موقعي تي توانائي وا??ي نگران وفاقي وزير محمد علي ميڊيا ??ي گئس جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.