اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته بهاره ڪ??و فلائي اوور ڪِرڻ بابت انڪوائري رپورٽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر هدايت الله جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير چيو ته انڪوائري رپورٽ جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪ??داسين، رپورٽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. چيئرمين هدايت ڪئي ته انڪوائري رپورٽ جي تفصيلن کان ايوان کي به آگاه?? ڪيو وڃي.