اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي شديد مايوسي ٿي آهي ته اهو معتصباڻو ۽ من ماني تشخيص تي ٻڌل آهي ۽ ان جو زميني حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ تڪثيري ملڪ آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي جي ڀرپور روايت رکي ٿو. بيان موجب پاڪستان پنهنجي آئين موجب مذهبي آزادي کي فروغ ڏيڻ ۽ اقليت?? جي حق?? جي تحفظ جي لاءِ وسيع پئماني تي قدم کنيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان بيان ۾ ان ڳالهه تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته مذهبي آزادي جي وڏي پئماني تي ۽ مسلسل خلاف ورزي ڪندڙ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نامزد فهرست مان خارج ڪيو ويو آهي. اهو عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن (يو ايس سي آئي آر ايف) جي واضح سفارشن سان گڏوگڏ عالمي انساني حق?? جي ڌرين پاران مذهبي اقليتن سان ڀارت جي اڻوڻندڙ سلوڪ بابت اٿاريل عوامي خدش?? جي باوجود آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي يقين آهي ته اهڙي طرح جون امتيازي، هڪ ??رف?? ۽ موضوعي مشقون نقصانڪار آهن ۽ عالمي سطح تي مذهبي آزادي کي اڳتي وڌائڻ جي اسا?? جي گڏيل مقصد کي نقصان پهچائين ٿيون. بيان موجب پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته مذهبي عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا جي موجوده چئلينج جو مقابلو گڏيل افهام تفهيم ۽ احترام جي بنياد ??ي تعميري مشغوليت ۽ گڏيل ڪوشش?? جي ذريعي ڪري سگهجي هو، انهي جذبي سان پاڪستان ٻ??رف?? طور تي آمريڪا سان انگيج آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ بابت پاڪستا?? جي خدشن کان آمريڪا کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.