لاهور_07 فيبروي(اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر پن??اب صوبي ۾ پڻ عام چونڊن 2024ع اڄ 08 فيبروري تي ٿينديون جن کي پرامن ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب پن??اب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 12 ڪروڙ 85 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪندا. آزاداڻين ۽ منصفاڻين چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪندي پولنگ بوٿ تي اليڪشن سان لاڳاپيل سامان پهچايو ويو آهي. پن??اب جي چيف اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهان موجب صوبي ۾ چونڊن جي حوالي سان سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون،شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ ريٽرنگ ۽ پريذائيڊنگ آفيسرن کي مجسٽريٽ اول جا اختيار ڏنا ويا آهن. هن ٻ??ايو ته چونڊن دوران پولنگ عمل جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪئي وئي آهي، پن??اب ۾ 144 قومي ۽ 297 صوبائي تڪن ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي، قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 50 هزار 900 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، صوبي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ت??داد 7 ڪروڙ 42 لک 924 آهي جنهن ۾ مردن جو ت??داد 3 ڪروڙ 96 لک 487 آهي جڏهن ته عورتن جو ت??داد 3ڪروڙ 46 لک 37 آهي،پولنگ اسٽيشنن جو ڪل تعداد 50900 آهي جن ۾ مردن لاءِ پولنگ اسٽيشن جو ت??داد 14573 ۽ عورتن لاءِ 14059 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، اهڙي ريت گڏيل طور تي پولنگ بوٿس جو ت??داد 149390 آهي جن ۾ 7901 مردن ۽ 70 هزار 77 عورتن جا پولنگ بوٿس شامل آهن.پنجاب ۾ ڪل آفيسرن جو انگ 2607 آهي جن ۾ 42 ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر ۽ 144 ريٽرنگ آفيسر، 882 اسسٽنٽ ريٽرنگ آفيسر شامل آهن. ڊسٽرڪت مانيٽرنگ آفيسرن جو ت??داد 42 ۽ مانيٽرنگ آفيسرن جو ت??داد 1200 آهي، اهڙي ريت سڄي صوبي ۾ پولنگ عملي جو ت??داد 524070 آهي جن ۾ پريذائيڊنگ آفيسر 53491 آهن جڏهن ته اسٽنٽ پريذائيڊنگ آفيسرن جو ت??داد 313719 ۽ پولنگ آفيسرن جو ت??داد 156860 آهي، عملدارن موجب پولنگ اسٽيشنز تي امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پريذائيڊنگ آفيسرن کي مجسٽريٽ اول جا اختيار ڏنا ويا آهن.