اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايڊوائي?? تي 19 وزيرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي جن ۾ 18 وفاقي وزير جڏهن ته هڪ مملڪتي وزير هوندي. ڪابينا ڊوي??ن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق هڪ تحت مليل اخت??ار استعمال ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائي?? تي 13 وفاقي وزيرن جي مقرري ڪئي آهي. انهن وفاقي وزيرن ۾ خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، چوڌري سالڪ حسين، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، انجنيئر امير مقام، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، خال?? مقبول صديقي، قيصر احمد شيخ ۽ ميان رياض حسين پيرزاده شامل آهن. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي وزيراعظم جي ايڊوائي?? تي سينيٽر اسحاق ??ار ۽ سينيٽر مصدق ملڪ جن جي 12 مارچ 2024ع تي سينيٽ آف پاڪستان جي ميمبرشپ ختم ٿي ويندي، آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (9) تحت انهن جي بطور وفاقي وزير مقرري ڪري ڇڏي آهي. صدر آرٽيڪل 92 جي شق (1) جنهن کي آرٽيڪل 91 جي شق (9) سان گڏ پڙهيو وڃي، تحت محمد اورنگزيب، احد چيما ۽ سيد محسن رضا نقوي کي پڻ وفاقي وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي وزيراعظم جي ايڊوائي?? تي شيزه فاطمه خواجه کي مملڪتي وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهن سمورن وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير کان 11 مارچ تي صدر آصف علي زرداري حلف ورتو.