اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت ??ظميٰ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي گورنر ??نجنيئر بليغ الرحمان، بلوچستان جي گورنر ??بدالولي خان ڪاڪڙ، خيبرپختونخواهه جي گورنر ??اجي غلام محمد، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو، نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، حمزه شهبا??، عليم خان، راجا ظفرالحق، احسن اقبال، خواجه محمد آصف، مرتضيٰ جاويد عباسي، فاروق ستار سميت ٻيا سياسي اڳواڻ پڻ موجود هئا. واضح رهي ته شهباز شريف ان کان اڳ هڪ ڀيرو وزارت ??ظميٰ جڏهن ته ٽي ڀيرا پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي تي ر??ي چڪو آهي، هو پهريون ڀيرو 11 اپريل 2022ع کان 14 آگسٽ 2023ع تائين وزارت ??ظميٰ جي عهدي تي ر??يو. هو ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير رهيو. هو 1988ع کان 1990ع تائين پنجاب اسيمبلي جڏهن ته 1990ع کان 1993ع تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو، 1993ع کان 1996ع تائين پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ هو پنجاب جو وڏو وزير بڻيو ۽ 1999ع تائين ان عهدي تي ر??يو. 2008ع ۾ هو چوٿون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو. ان مدي ۾ 2013ع تائين هو پنجاب جو وڏو وزير رهيو. 2013ع جي عام چونڊن ۾ هن صوبائي اسيمبلي جي ٽن ۽ هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪ??ي هئي جنهن کانپوءِ هو ٽيون ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو.