اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ??ار کي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن ر??شد الزياني ٽيليفون ڪري پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان بحرين لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌائڻ جي مختلف رخن جو جائزو ورتو. وزيرن ٻطرفي سياسي م??او??ت ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن ??ي جلد اجلاس جي ذريعي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ اداراج??تي تعاون کي فعال ڪري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.