رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس جي سائيڊ لائينز تي سعودي عرب جي سيڙپڪاري وزير خالد الفالح، سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجد عان ۽ سعودي عرب جي صنعتن واري وزير بندر بن ابراهيم الخيريف ڌار ڌار ??لاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا تلاش ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق سعودي عرب جي سيڙپڪاري وزير ملاقات ۾ وزيراعظم کي ”پرائم منسٽر آف ايڪشن“ قرار ڏيندي ??يو ته اسان سڀئي توهان جي ڪارڪردگي ۽ ڪم ڪرڻ جي رفتار کا?? آگاهه آهيون. هن ??يو ته اوهان پاڪستان جي ترقي جي مشن کي وٺي هلي رهيا آهيو جنهن ۾ اسان سڀئي توهان سان گڏ آهيون، اوهان جو مشن اسان جو مشن آهي. سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير ??يو ته سعودي سيڙپڪارن جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. هن ??يو ته سيڙپڪاري جي حوالي سان پاڪستان اسان جي اولين ترجيح آهي. زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڀرپور سهڪار جاري رهندو. هن ??يو ته ماضي ۾ پاڪستانين سعودي عرب جي مختلف شعبن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻ??ي پاسي وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي ناڻي واري وزير ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا تلاش ڪندو. سعودي ناڻي واري وزير سعودي عرب طرفان پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ??يو ته پاڪستان جي ترقي سعودي عرب جي ترقي آهي. هن ??يو ته سعودي عرب ويزن 2030ع جي حوالي سان حڪومتي سطح تي سڌارا ڪيا ۽ مشڪل فيصلا ڪيا. وزيراعظم سان سعودي عرب جي صنعت واري وزير به ملاقات ڪئي. سعودي صنعت واري وزير زراعت، معدنيات، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان سان گڏيل شراڪتداري جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي کا?? آگاهه ڪيو. سعودي صنعت واري وزير ??يو ته سعودي خانگي ڪمپنين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان رابطا آهن ۽ انهن ڪمپنين جا نمائنده جلد پاڪستان جو دورو ڪندا. ٻنهي ملڪن جي خانگي شعبن وچ ۾ شراڪتداري اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. سعودي عرب جي وزيرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي خادم الحرمين الشريفينسلمان بن عبدالعزيز آل سعود، سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود ۽ سعودي وزيرن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ??يو ته منهن??ي گذريل حڪومتي دور ۾ سعودي عرب جي حمايت ۽ مدد سبب ئي اسان جون معاشي حالتون بهتر ٿيون. هن ??يو ته سعودي عرب ۽ پاسڪتان هڪ ٻئي جا اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن. انهن ملاقاتن ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، سڌ سماءَ وارو وزير عطاالله تارڙ، پيٽروليم وارو وزير مصدق ملڪ، واپار ??ارو وزير ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.