اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذم?? ڪندي چيو آهي ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رفح ڪراسنگ تي حملي ۽ گهيراءُ جي مذم?? ڪندي چيو ته اسرائيل کي عالمي انساني قانون جي پا??دا??ي ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پنهنجي تازه ڪاررواين مان ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو آهي. هن فوري جنگبندي، ??زه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت ڪئي پئي وڃي، فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي جاري ڏاڍ جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي سطح ۽ فورمز تي غزه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ عورتن تي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستان جي ان اصولي موقف هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، ??فارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ترجمان گيمبيا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪ??مير جي تڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي ساراهيندي چيو ته اجلاس ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪئي.