اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت جي ??حالي کي پهرين ترجيح ۽ سعودي عرب سان لاڳاپن کي دنيا جي لاءِ مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ي استعمال سان سڌارا اچي رهيا آهن، ڪرپشن جي ??اتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سعودي عرب سان اعليٰ سطحي تازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن العربيه نيوز چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو دنيا ۾ مثال نه آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جا ڏک ۽ خوشي گڏيل آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجو سعودي عرب جو تازو دورو انتهائ?? ڪا??يا?? رهيو. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گذريل 8 سالن ۾ مثال?? ڪا??يا??يون حاصل ڪيون آهن جيڪي سندس مدبراڻي فهم ۽ مثالي قيادت جي ??بب ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جو مملڪت جو ويزن 2030ع دنيا جي لاءِ هڪ مثالي ماڊل آ??ي. ??عودي عرب سان اعليٰ سطح جي ??ازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به وزيراعظم جو سڀ کان پهرين سعودي عرب جو دورو هڪ روايت رهي آ??ي. ??عودي پرڏيهي وزير ۽ اعليٰ سيڙپڪاري وفد جو پاڪستان جو دورو نئون سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت جي ??حالي آهي. ڪويت، گڏيل عرب امارات، قط??، ترڪيه ۽ چين سان لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ پرعزم آهيون. دوست ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. اسان جي ??ڪومت جي پهرين ترجيح معيشت جي ??حالي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي سنگين چئلينجز درپيش آهن، ڪرپشن جي ??اتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ٻاهرئين قرضن مان ڇوٽڪارو ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ي استعمال سان سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن.