بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وير محمد اسح??ق ڊار چيو آهي ته پاڪ چين دوستي علائق??ئي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي، پاڪستان تائيوان ۽ ڏکڻ بحيره چين سميت سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور کانپوءِ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪ??دا?? ادا ڪيو آهي، چين پاڪستان جي علائق??ئي سالميت، خودمختياري ۽ سلامتي تي پنهنجي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو، ڪشمير مسئلي تي چين جي مسلسل حمايت جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چين پاران گرمجوشي تي ٻڌل استقبال کي ساراهيندي چيو ته منهنجي ۽ پاڪستاني وفد جي بهترين مهمان نوازي تي چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته منهنجي چين جي نائب وزيراعظم سان مختلف موضوعن تي تعميري ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سي پيڪ، علائقائي، جاگرافي??ئي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڪيترن ئي اهم معاملن تي اتفاق راءِ ٿيو، ايم ايل ون، گوادر بندرگاهه، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. محمد اسح??ق ڊار چيو ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد پناهگاهن کي ختم ڪري، شانگلا حملي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪ??دا?? تائين پهچائينداسين، چين جي قيادت سان شانگلا حملي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شاهراهه قراقرم ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪ??دا?? ادا ڪري رهي آهي، ايند?? سال پاڪ چين مثالي دوستي جي 73 هين سالگرهه هوندي. ان موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چين جي ون چائنا پاليسي تي پاڪستاني موقف کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته چين پاڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ حصيدار آهن، پاڪ چين دوستي پهاڙ وانگر مضبوط آهي. هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا علائق??ئي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ انته??ئي اهميت رکندڙ آهن، نائب وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد اسح??ق ڊار جو چين جو دورو اهميت رکندڙ آهي، نائب وزيراعظم کي چين جي دوري تي ڀليڪار چئون ٿا. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن.