اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي چونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول جي پاسداري ڪري ٿو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 73 هين سالگرهه جي موقعي تي شايع ٿيل چيني مي??يا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر چيو ته پاڪستاني عوام چين سان غيرمشروط محبت ڪري ٿي. واضح رهي ته مارچ ۾ ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن به غيرملڪي مي??يا سان صدر زرداري جي اها پهرين ڳالهه ٻولهه هئي. ٻنهي ملڪن جي اڳوڻي اڳواڻن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ياد ڪندي صدر آصف ??لي زرداري چيو ته منهنجي مرحوم سُهري پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار ??لي ڀٽو قوم کي چيو هو ته اوڀر طرف ڏسو، چين طرف ڏسو. صدر آصف ??لي زرداري جنهن پاڪستاني صدر جي طور تي پنهنجي پهرين مدي دوران 9 ڀيرا چين جو دورو ڪيو هو، هن ”تائيوان جي آزادي“ جي ڪنهن به شڪل کي ??د ڪندي ون چائنا اصول تي سختي سان ڪاربند رهڻ جي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته تائيوان چين جو حصو آهي. ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين چين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ چين جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ش??وع??ت، گوادر پورٽ جي ترقي تي تبصرو ڪندي آصف ??لي زرداري چيو ته 11 سال اڳ سي پيڪ جي ش??وع??ت کانپوءِ گوادر پورٽ تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، اها بندرگاهه سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي ??دائين ڀليڪار چوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر آصف ??لي زرداري چيو ته پاڪستان وڌيڪ اسڪولن جي ان ڳالهه تي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ته هو چيني زبان کي پنهنجي لازمي نصاب ۾ شامل ڪن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي مٽا??ٽا کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي چرپر کي ??سان بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پاليسين تي زور ڏنو. چيني عوام جي ڪاميابين کي ??اراهيندي آصف ??لي زرداري چيو ته پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ چين جي ڪاميابي جو هڪ اهم سبب آهي ۽ پاڪستان چين جي ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ جي اميد ڪري ٿو.