بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لو زائو هوئي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چين پاڪستان جي منفرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل فائدي سان هلندڙ عملي تع??ون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي جڏهن ته سي آءِ ڊي سي اي پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۽ صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته لوزائو هوئي توهان پاڪستان ۾ بطور سفير پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان سرانجام ڏنيون. هن چيو ته توهان نه رڳو پاڪستان ۾ چين جا سفير هئا پر توهان پاڪستان ۾ پاڪستان جا بهترين دوست پڻ هئا ۽ اهو جذبو اڃا به قائم آهي. وزيراعظم ۽ سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين چين پاڪستان جي منفرد ۽ پائيدار دوستي ۽ گڏيل ترقي، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي عملي تع??ون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. هن ترقي ۽ سلامتي جي وچ ۾ گڏيل طور تي مضبوط لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ڪئي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط علامت قرار ڏيندي هن چيو ته سي پيڪ تحت س??اجي اقتصادي ترقي تي گڏيل ورڪنگ گروپ جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. هن ان اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي طرفن جي عوام جي زندگين ۽ روزگار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي فيز ٽو ۾ تع??ون جي اها رفتار برقرار رهندي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جون حڪومتون ۽ عوام قدرتي آفتن ۽ آفتن جي و??ت سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. هن ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا ۽ 2022ع کانپوءِ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ پوليو ويڪسين جي فراهمي دوران پڻ اسرندڙ ملڪن ۽ خاص طور تي پاڪستان جي مدد ڪرڻ ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين مختلف شعبن ۾ چين پاڪستان تع??ون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن بنيادي ڍانچي جي ترقي، موسمياتي تبديلي جي ردعمل ۽ انساني وسيلن جي ترقي بشمول بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آءِ) تحت جاري منصوبن ۾ ٻطرفي حصيداري کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري و??اقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي واري و??اقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري و??اقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري و??اقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ، نجڪاري واري و??اقي وزير عبدالعليم خان، وزيراعظم جي خاص مع??ون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.