اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع ۾ حڪومت طرفان سخت مالياتي نظم ۽ ضبط باوجود حڪومتي خ??چن تي دٻاءُ برقرار رهيو. حڪومتي خ??چن تي دٻاءُ جو بنيادي سبب قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ بي پناهه اضافو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران مالياتي خ??ارو 3.7 سيڪڙو رهيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران ڪل حڪومتي خ??چن ۾ 36.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 13682.8 ار?? روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي دوران اٽڪل 10 هزار ار?? روپيا هو. حڪومت جي جاري خ??چن ۾ 33.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 12333.3 ار?? روپين تي پهچي ويو. ڪل ترقياتي خ??چن ۾ 14.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جيڪو وڌي 1158.1 ار?? روپين تي پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1014 ار?? روپيا هو ۽ عوام مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي محصول ۾ 41 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 7980.4 ار?? روپين تي پهچي ويو، ٽيڪس محصولن ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 7262.5 ار?? روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان نج عارضي ٽيڪس اوڳاڙي جي مد ۾ 30.8 سيڪڙو جو اضافو ٿي??. ج??ڪو وڌي 8125.7 ار?? روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران چئني صوبن طرفان 435.5 ار?? روپين ج?? گڏيل سرپلس ڏنو ويو.