دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم تاج?? صدر کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، ??لائقائي رابطن ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي عوام جي وچ ۾ سماجي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني آهي. تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاج?? صدر عزت امام علي رحمان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. تاج?? صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪي??. ت??ج?? صدر پاڪستان ۽ تاجڪستان جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ا?? موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، معدنيات، صنعت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي لامحدود صلاحيت موجود آهي. هن تاج?? صدر کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، ??لائقائي رابطن ۽ پاڪستاني ۽ تاجڪ عوام جي وچ ۾ سماجي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني.