اسلام آباد -10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته چيني شهرين جي حفاظت تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. جڏهن ت?? لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت ڪور ڪميٽي جي اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري دفاع، انچارج نيشنل ڪو ??رڊينيٽر نيڪٽا، ڪو ??رڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ت?? صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽريز ويڊيو لنڪ ذريعي اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ سڄي ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اج??اس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي حفاظت لاءِ ڪا به ڪوتائي برداشت نه ڪئي ويندي. چيني شهرين بابت سيڪيورٽي آڊٽ کي مقرر ٽائين لائين اندر يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو کي يقيني بڻائين. اج??اس دوران گهرو وزير کي چيني شهرين جي حفاظت جي سلسلي ۾ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو.