اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻطرفي دلچسپي جي شعبن خاص طور ت?? توانائي، واپار، ر??بط??، دفاع ۽ عوام کان عوام تائين رابطن جي شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهڙي عزم جو ورجاءُ ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ آذربائيجان جي صدر اله??م عليوف جي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو ويو. آذربائيجان جي صدر اله??م عليوف جو استقبال ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن جا ??اڳ??پا تمام گهڻا شاندار آهن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ??اڳ??پن کي بهتر بڻائڻ جا تمام گهڻا ۽ وسيع موقعا موجود آهن. صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام ۽ واپارين جي وچ ۾ ٻطرفي ??اڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گوادر بندرگاهه جي اهميت کي اجاگر ڪندي تجويز ڏني ته وچ ايشيائي ملڪ ۽ آذربائيجان علائقائي واپار، رابطن ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ گڏيل معاشي خوشحالي آڻڻ جي لاءِ ان بندرگاهه مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي آجيان ڪندي چيو ته مفاهمت جي يادداشتن سان واپار، سياحت، معدنيات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، قانون ۽ انصاف جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي نئون حوصلو ملندو. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اوڀر دنيا کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن سميت آذربائيجان سان پائيدار ۽ لاڀائتا ??اڳ??پا قائم ڪرڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي ڳ??لهائيندي آذربائيجان جي صدر اله??م عليوف چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ جي تمام گهڻي گنجائش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ??اڳ??پن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ ڪاروبار ۽ ڪاروباري ??اڳ??پن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ت پاڪستان ۽ آذربائيجان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا امڪان ڳولي سگهن ٿا.
جڏهن ته بعد ۾ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري آذربائيجان جي صدر اله??م عليوف ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر آذربائيجان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ آذربائيجان جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جي خاطري ڪرائي.