اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لا??و ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪري ان مان ڀرپور لاڀ پرا??و ويندو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر بڻا??و وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي پورٽس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم عزيز خان وفد سان گڏ مل??قات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌا??و ويو ته ابوظهبي پورٽس پاڪستان ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندڙ 10 سالن دوران 250 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، 130 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعمير ٿيندڙ جديد ۽ سمورين ضروري سهولتن سان ليس گهڻ مقصد ٽرمينل ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. وفد وزيراعظم کي ڪراچي بندرگاهه تي ڪنٽينر ٽرمينل جي سهولتن ۾ بهتري جي لاءِ ڪمپني جي سيڙپڪاري تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪنٽينر ٽرمينل جي منصوبي ۾ ايڪس ڪنٽرول، خودڪار گيٽس، برٿ ۾ وڌيڪ 200 ميٽر جي توسيع، ڪرين ريل ٽريڪ ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي ت??مير شامل آهي، ٽرمينل تي نئين انفراسٽرڪچر جي ت??مير سان هڪ لک 20 هزار ٽن تائين جا مال بردار جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا جنهن سان بندرگاهه تي معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر ڪ??و وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڪنٽينرز جي نظام کي بهتر ڪري ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪ??و وڃي. وزيراعظم چيو ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي جو مقصد شفافيت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ پورٽ آپريشنز جي بهتري آهي، ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لا??و ڪرڻ ۾ هر قسم جي معاونت فراهم ڪري ان مان ڀرپور فائدو کن??و ويندو. وزيراعظم ريلوي عملدارن کي منصوبي کي فعال بڻائڻ ۽ ٽرمينل تان سامان جي پهچ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ مال بردار بوگين ۽ ضروري رولنگ اسٽاڪ جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي.