اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري م??مد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته علائقائي ام??، سلامتي ۽ سهڪار لاءِ آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پاڪستان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو، آسيان جو علائقائي يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي سيڪريٽري 27 جولاءِ کان لائو پي ڊي آر ۾ منعقد ٿيل 31 هين آسيان ريجنل فورم وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ه?? چيو ته ايشيا پيسفڪ خطي ۾ علائقائي تڪرارن تي پاڪستان جي نقطه نظر بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي گروپن جي سياست بدران ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي ه??ٺ ??شم??ر جي عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ??شم??ري عوام جي خواهشن مطابق ان تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي سيڪريٽري غزه ۽ افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل داتو استنه عبدالعزيز، چين جي نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ ۽ ملائيشيا جي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل داتو سري عمران م??مد زين سان پڻ ملاقات ڪئي.