اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صنعتن پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ??ار?? وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته زرعي شعبي کي جديد گهرجن مطابق تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم ??هيون، زرعي شعبي 6.25 سيڪڙو ??رقي ڪئي آهي جنهن سان مجموعي اقتصادي ترقي جي شرح ۾ 2.38 سيڪڙو ??ضافو ٿيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان زراعت جي تبديلي جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪند?? ڪيو. هن چيو ته زرعي شعبي کي جديد گهرجن مطابق تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم ??هيون، زرعي شعبي ۾ شراڪتدارن سان گڏ سهڪار ته ڪم جاري آهي، گذريل سال زرعي شعبي ٻين شعبن جي ڀيٽ شاندار نتيجا ڏنا آهن. راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي شعبي 6.25 سيڪڙو ??رقي ڪئي آهي جنهن سان مجموعي اقتصادي ترقي جي شرح ۾ 2.38 سيڪڙو ??ضافو ٿيو آيه. فصلن جي بهتر پيداوار روانگي واپار کي هٿي ڏني آهي، زرعي شعبي کي لاڳو اداره جاتي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ۾ رائج پوکائي جا روائتي طريقا غير پائيدار ۽ ناڪاره آهن، انهن سان خرچن ۾ اضافو ۽ منافعي ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ نئين ٽيڪنالاجي جو استعمال تمام ضروري آهي، نئين ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ماحولياتي اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. آءِ سي ٽي، آءِ او ٽي، موبائيل ايپليڪيشنز، جي پي ايس/ جي آءِ ايس، ۽ يو اي وي روائتي پوکائي جي طريقن کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.