اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ??ارت غيرقانوني طور تي پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ نئين ۽ ناپاڪ قدمن جو هڪ گندو سلسلو شروع ڪيو، تڏهن کان ڀارت دنيا کي اهو ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ته ڄمون ۽ ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ حصو آهي، جڏهن ته عالمي قانونن، تاريخي حقيقتن، اخلاقي اصولن ۽ زميني صورتحال ڀارت جي بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري يوم استحصال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن سڄي پاڪستاني قوم ۽ پاڪستان حڪومت کي يوم استحصال جي ڪاري ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. 5 آگسٽ 2019ع تي ??ارت جي غيرقانوني طور تي ??ارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ ناپاڪ قدمن ۽ ان جي سنگين نتيجن جي شروعات ٿي. هن چيو ته اڄ غيرقانوني طور تي ??ارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ميڊيا جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڀارت طرفان هر قسم جي ڪُڌي ح??ڪت اپنائي پئي وڃي. ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ آهي، جڏهن ته 14 ڪشميري سياسي تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، جنت جهڙي ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت طرفان بيگناهه ڪشميرين کي هراسان ڪرڻ، غيرقانوني گرفتاريون، هٿ ٺوڪيا گهيراءَ ۽ تلاشي جون ڪارروائيون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن، ڀارتي فوج مختلف ظالماڻن قانونن جي آڙ ۾ مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن مان ڪشميري عوام جي بي مثال حوصلي، جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن جي ڪري ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن قانوني طور تي ??مزور بڻائڻ جي هر ڀارتي ??وشش جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڀارت جو هر قسم جو ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غيرقانوني حرڪتون ڪشميرين جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي تڙپ کي گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي، ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل تي ٻڌل آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سل??مت?? حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت کي هر حال ۾ تڪرارن کان انڪار بجاءِ انهن تڪرارن جي حل طرف اڳيان وڌڻو پوندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت تي زور ڀرڻ گهرجي ته هو غيرقانوني طور تي ??ارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪي. 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺي. پنهنجي فوج کي معصوم ڪشميرين تي ظلم ڪرڻ جي کليل آزادي ڏيندڙ قانونن کي ختم ڪري ۽ ڄمون ڪشمير تي ??ڏيل قومن جي سل??مت?? ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.