اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ترڪيه سان هوابازي جي شعبي ۾ تعاون پاڪ ترڪيه ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو ۽ پاڪستان ??ي ه??ابازي جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن موجب آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه جي پيگاسز ايئر لائنز جي چيئرپرسن مهمت ٽي نان ??ان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي لڪي سيمنٽ لميٽيڊ جو سي اي او محمد علي ٽبه به موجود هو. مهمت ٽي نان ??رڪيه جي ه??ابازي جي صنعت جي حڪمت عملي جو عمومي جائزو پيش ڪيو ۽ هُن اهم رخن تي روشني وڌي جيڪي پاڪستا?? ۾ ??وابازي جي شعبي کي فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ايوي ايشن انڊسٽري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترڪيه جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽر محمد اورنگزيب ترڪيه جي واپار واري وزير سان هاڻوڪي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌرين واپار ۽ ڪاروباري تعاون جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. هن چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ايوي ايشن سميت ڪيترن ئي شعب?? ۾ ??اڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي.