اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪم??شن آف پاڪستان سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن کي هدايت ڪئي آهي ته جون 2024ع تي ختم ٿيل مالي سال 24 -2023ع لاءِ پنهنجي اڪائونٽس جا جامع گوشوارا اليڪشن ڪم??شن ۾ 29 آگسٽ 2024ع کان پهرين جمع ڪرائين. ڪالهه جاري ڪيل پريس رليز موجب ڪم??شن هدايت ڪئي ته انهن گوشوارن سان گڏ سالياني آمدني ۽ خرچ، فنڊنگ جا ذريعا، اثاثا ۽ رهتن جا تفصيل پڻ پيش ڪيا وڃن جڏهن ته پارٽي سربراهه طرفان مجاز عهديدار جي صحيحن سان تصديق نامو به فراهم ڪيو وڃي ته پارٽي کي منع ٿيل ذريعن مان ڪا فنڊنگ ناهي ٿي.