اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? پنجگور ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي ??يو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فائرنگ جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر شڪيل احمد جي شهادت تي شديد ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيد جي پونئي??ن جي صبر ۽ همٿ جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم ??يو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن سان گڏ بيٺل آهي. ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.