اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت مهانگائي جي شرح کي گهٽ ڪري12 سيڪڙو تائين آڻڻ جو هدف مقرر ڪيو تنهن هوندي به گذريل 8 مهينن ۾ ان کي 9.6 سيڪڙو تائين وٺي آئي آهي جيڪا واکاڻ جوڳي آهي، پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ اسان کي تلخين جو سلسلو ختم ڪرڻو پوندو، سياسي ??ختلافن باوجود ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪرڻ ضروري آهي، خيبرپختونخوا جي ??ڏي وزير ميڊيا ۽ مخالف ڌر کي گار ڏئي ججن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪري صوبي جي عوام جي خدمت نه ڪري رهيو آهي، سياست چمڪائي رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ اسيمبلي جي گئلريز ۾ پاڪستان جا شاگرد ۽ نوجوان ويٺل آهن جيڪي ملڪ جو مستقبل آهن، اسان جي حالت ڏسي ??نهن مان ڪو به سياستدان نه ٿيندو، جمهوري معاشرن ۾ پارليامينٽ جو ميمبر بڻجڻ هڪ فخر ۽ اعزاز آهي، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هڪ عرصي کان سياست کي گار بڻايو ويو آهي، اسان کي انهي سياست سان نوجوانن کي روزگار، معاشي انصاف ڏيڻ ۽ هن ملڪ کي هلائڻو آهي، اسان ضرور مشڪل ۾ آهيون پر مون کي يقين آهي ته اهي ٻار وڏا ٿيندا ته اسان خطي جي ??يادت ڪري رهيا هونداسين، پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، جنهن آئين جي ڪر?? هي ادارو ۽ ملڪ هلي رهيو آهي ان آئين جي بالادستي کانسواءِ پارليامينٽ ۽ ملڪ نٿو هلي سگهي. هن چيو ته سياست پنهنجي جاءِ تي پر ورڪنگ رليشن شپ رکڻ ضروري آهي ۽ ان حوالي سان اسان کي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته گوڙ ڪرڻ بدران معاملي تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن مخالف ڌر پنهنجي ذميواري پوري نٿي ڪري ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا. هن چيو ته جنهن صوبي ۾ سندن حڪومت آهي اتي روزگار، مهانگائي، تعليم ۽ دهشتگردي جهڙا وڏا مسئلا آهن، جيڪڏهن وڏي وزير جي ذميواري اها آهي ته ميڊيا ۽ مخالف ڌر کي گاريون ڏي ۽ ججن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪري ته اهو خدمت ناهي پر سياست چمڪائي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي خاندان آئين ۽ جمهوريت لاءِ قرباني ڏني آهي، شهيد بينظير ڀٽو نواز شريف سان گڏجي ??يثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون. اسان اتفاق راءِ سان 18 هين ترميم جي ??نظوري ڏني، جيڪڏهن هن ملڪ کي هلائڻو آهي ته ايوان جي ??نهي پاسن کي گڏجي ??لڻ گهرجي. حڪومت سان هزار اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر ملڪي مسئلن جو حل ضروري آهي، تنقيد اسان به ڪئي آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان جائزو وٺون ته حڪومت جي ڪارڪردگي ڪهڙي آهي. حڪومت 8 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ڪري 9.6 سيڪڙو تائين وٺي آئي آهي جڏهن ته هدف 12 سيڪڙو تائين آڻڻ جو مقرر ڪيو هو، ان تي حڪومت جي ??اکاڻ ڪرڻ گهرجي.اسان کي حڪومت کي مشورو ۽ تجويزون به ڏيڻ گهرجن ته اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿئي. هن چيو ته اسان اختلافن باوجود سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪيون ۽ اتفاق راءِ سان قدم کنيا جنهن سان عوام ۽ صوبن کي فائدو ٿيو. هن چيو ته جڏهن کان ميثاق جمهوريت تي صحيحون ٿيون ان جي اڳئين ڏينهن کان ان اتفاق راءِ ۽ ميثاق کي ڪمزور ڪرڻ ۽ غير سياسي قوتن کي اسپيس ڏيڻ لاءِ سازشن جي شروعات ڪئي وئي. هڪ سياسي پارٽي کي ادارن جي حمايت سان بيهاري اسان جي سياسي نظام کي هڪ اهڙي نقطي تي پهچايو ويو آهي ته ڪو ڪنهن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان پنهنجي ??ارن جي ??سمت سان کيڏي رهيا آهيون، منهنجي درخواست آهي ته پهرين هائوس کي فعال بڻايو وڃي ان کانپوءِ ملڪ کي فعال ڪري سگهجي ??و. هن چيو ته کيس تمام گهڻو افسوس ٿيو ته هڪ سينئر سياستدان هائوس مان استعيفا جو اعلان ڪيو. آئون مينگل صاحب جي ??يصلي مان مايوس ٿيو آهيان، صوبي جي ??سئلن جي حل لاءِ سندس جو ايوان ۾ هجڻ ضروري آهي. آئون اڳوڻي وزير تي تنقيد ڪندو رهندس پر اوهان اسيمبليون ۽ ڪميٽيون نه ڇڏيو ۽ پنهنجون ذميواريون ادا ڪريو. مون پهرين به چيو هو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبليون نه ڇڏيو، اهي پاڻ به ڀوڳي رهيا آهن، هاڻي ملڪ به ڀوڳي رهيو آهي، اسان کي بااختيار ڪميٽيون بڻائڻ گهرجن جنهن ۾ سمورين پارٽين جي ??مائندگي هجي. پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ اسان کي تلخين جو سلسلو ختم ڪرڻو پوندو.