اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ قاديانين کي غير مسلم اقليت ??رار ڏيڻ وارو 7 سيپٽمبر جو تاريخي ڏينهن سرڪاري سطح تي ملهائڻ ۽ ان ڏينهن عام موڪل جي اعلان لاءِ ٺهراء?? جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ جي يو آءِ (ف) جي پارلياماني ??يڊر مولانا عطاءُ الرحمان ان سلسلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي پارليامينٽ 7 سيپٽمبر 1974ع تي تاريخي ڏينهن گڏيل طور تي قاديانين کي غير مسلم اقليت ??رار ڏنو هو. هي ڏينهن نه صرف پاڪستان پر پوري مسلمان اُمت لاءِ تاريخي اهميت ??ارو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ڪاميابي سان پوري ٿي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ان تاريخي لمحن کي اجاگر ڪرڻ اڻٽر آهي. سينيٽ حڪومت کان سفارش ڪري ٿي ته هي ڏينهن سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي ۽ ان ڏينهن کي قومي سطح تي موڪل جو اعلان ڪيو وڃي. سينيٽ اتفاق راءِ سان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.