اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هرنائي ۾ ڪالعدم بي ايل اي خلاف ڪامياب ڳجهي آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ۽ سندن سهولتڪار ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي ??مايت سان هن ڌرتي تان دهشتگردن کي ختم ڪنداسين.اربع ڏينهن پنهنجي ??يان ۾ وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي ڪامياب آپريشن ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروا??ي ڪري دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي ??هادر جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن تي ناز آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي ??اتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين.