ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه کان واقعي جي رپورٽ طلب ??ري ورتي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل جي بيان موجب پ پ چيئرمين، وڏي وزير کي امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جا جوڳا قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي ۾ فوتين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين لاءِ جل?? صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. هن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ??ار?? ڪوششن جي حمايت ??ار?? رکڻ جو ورجاءُ ڪيو.