اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ?? تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 55 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 60 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ?? نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 19 هزار 100 ڪيوسڪ، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد 46 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ لهنوارو وهڪرو 46 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ?? منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 8 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ?? مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 هزار 500 ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1536.79 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 5.015 ملي?? ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1206.55 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.678 ملي?? ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 644.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.126 ملي?? ايڪڙ فوٽ رڪ??رڊ ڪيو ويو.