رياض – 30 – آڪٽوبر (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ سيڙپڪاري، واپاري معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشن جا مثبت نتيجا سامهون اچ?? شروع ٿي ويا آهن، پاڪ – سع??دي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سع??دي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سع??دي شاهي ديوان جي صلاحڪار محمد بن التويجري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ??اڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشر??ات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ مختلف اقتصادي قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سع??دي سيڙپڪاري واري وزير جي 9 کان 11 آڪٽوبر تي نجي شعبي جي هڪ وڏي وفد گڏ پاڪستان جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته دوري دوران پاڪستان ۾ صحيحون ڪيل مفاهمتي يادداشتن جي ٺوس سيڙپڪاري ۽ واپاري معاهدن جي شڪل ۾ مثبت نتيجا سامهون اچ?? شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم پاڪ – سع??دي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي رفتار کي جاري رکڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان مضبوط اقتصادي تعاون جي ڪوششن ۽ عزم تي سع??دي وزير خالد الفالح جا ٿورا مڃيا. هن سع??دي عرب جي ويزن 2030ع جي پس منظر ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ موجود اقتصادي موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.