اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ضلع پشين ۽ زوب ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي تعريف ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان جي دشمنن جا ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني پکيڙڻ وارا عزم مٽيءَ ۾ ملائڻ واري مشن ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم 5 فتنه خوارج جي گرفتاري، 2 کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ?? وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو ضبط ڪرڻ تي آفيسرن ۽ جوانن جي تعريف ڪندي چيو ته مون سميت پوري قوم وطن عزيز کي فتنه الخوارج کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات سرگرم پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.