اسلام آباد -23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي شعبي ۾ پاڪس??ان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙ ماحول دوست ۽ شفافيت جي عالمي معيار تي پورا لهي رهيا آهن، حڪومت به ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪس??ان جي پنجين عالمي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر نمائش ٽيڪسپو 2024ع جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. نمائش جو افتتاح وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ نمائش جي مهمان خاص وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڪيو جڏهن ته خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خط??ب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر جي صنعتن ۾ پاڪس??ان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني مصنوعات عالمي معيار جون آهن، ٽيڪسپو ۾ جديد مصنوعات جي نمائش، ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر مصنوعات پاڪس??ان جي قومي روانگي واپار جو 60 سيڪڙو حصو آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن عالمي معيار مطابق پاڻ کي تيار ڪري رهيون آهن. حڪومت ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي اهي. ڪووڊ-19 دوران پاڪس??ان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو عزم ۽ جدوجهد تعريف جوڳا آهن. حڪومت صنعت?? کي سستي اگهه تي توانائي فراهم ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪس??ان جي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. 2022ع ۾ 18.86 ارب ڊالرز جو تاري??ي روانگي واپار ٿيو. پاڪس??ان جي ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن جو مستقبل روشن ۽ پائيدار آهي، اسان ٽيڪسٽائيل ۽ ليڌر صنعتن ۾ وڌيڪ جدت آڻڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ وفاقي وزير ڄام ڪمال خا?? کي پشاور ۾ به هڪ اهڙي ئي ٽيڪسپو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي سگهي ته پاڪس??ان ڪيترو محفوظ ملڪ آهي، جتي اڄ 52 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي. ڄام ڪمال خان سمورن پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي آجيان ڪندي هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو.