اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي رحم?? جي برسا?? جي لاءِ نماز استسقاء ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قوم ک?? درخواست ڪئي آهي ??ه اها نماز استسقاء ادا ڪري ۽ الله تعاليٰ کان رحم?? جي برسا?? جي لاءِ خصوصي دعا گهري وڃي. وزيراعظم عالم سڳورن کي چيو ته اهي ??اص طور تي نماز استسقاء جي اهتمام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، برسات پوڻ سان ماحول ۾ بهتري ايندي، بيمارين مان ڇوٽڪارو ملڻ ۾ وڏي مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو خصوصي دعائون گهريون وڃن ته جيئن انساني زندگي کي ان تڪليف مان ڇوٽڪارو ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته وفاق ۽ صوبن جي اهتمام هيٺ سمورين مسجدن ۾ نماز استسقاء جو اهتمام ڪيو و??ي، موجوده صورتحال رحم?? جي برسا?? جي شديد ضرورت آهي.