اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان چيني صنعتن کي ز??ين فراهم ڪندو جڏهن ته انفرا اسٽرڪچر، مارڪيٽ ۽ انهن زونز جو انتظام هو پاڻ ڪندا، صنعتي ز??نز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي، زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنه?? به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زونز (ايس اي ز??ز) لاءِ جاي?? جي نشاندهي ۽ چيني صنعت?? جي پاڪستان منتقلي لاءِ پاليسي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چين سا?? جي ٽو جي گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان چيني صنعتن کي ز??ين فراهم ڪندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي سڀني کان پهرين ماڊل صنعتي ز??نز لاءِ دستياب زمي?? جي مقدار جو تعين ڪيو ويندو ۽ انهن زونز جي ڀرپاسي ۾ بنيادي سهولتن جي دستيابي جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي ز??نز جي حوالي سان پاليسي جي تياري لاءِ هڪ جامع ڪانسيپٽ نوٽ تيار ڪيو وڃي، احسن اقبال صنعتي ز??نز جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته صنعتي ز??نز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنه?? به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي. هن واضح ڪيو ته زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنه?? به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته چيني ڪمپنين سان هر مهيني باقاعدگي سان ملاقاتون ڪيون وڃن ۽ انه?? جي مسئلن جو فوري حل يقيني بڻايو ويندو. هن چيني شهري?? جي سيڪيورٽي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترقي جي دشمنن کي پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ادار?? جي نمائندن شرڪت ڪئي.