اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) بيلا روس جي صدر ??ليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اعزاز ۾ گذريل ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلا روس جي صدر ??و وزيراعظم هائوس اچڻ تي ??رجوش استقبال ??يو. ٻنهي اڳواڻن پرجوش انداز ۾ هٿ ملايو، هٿياربن?? فوج جي چست جٿي کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ??نهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. بيلا روس جي صدر گارڊ آف آنر جو معائنو به ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلا روس جي صدر ??ان ڪابينه جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جڏهن ته معزز مهمان به وزيراعظم کي پنهنجي وفد جي ميمبرن سان ملايو. بيلا روس جي صدر وزيراعظم هائوس جي باغيچي ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.